پڙهائڻ جا طريقا   ڪتاب

پڙهائڻ جا طريقا ڪتاب

پڙهائڻ جا طريقا

پڙهائڻ جا طريقا (ڪتاب ):هي ڪتاب سي- ٽي ڪلاسن لاءِ لکيو ويو آهي، هن ڪتاب جا ليکڪ محمد سليم الحق، بشير احمد ملڪ، صديق الغني آهن، هن ڪتاب جي ليکڪن ڪوشش ڪئي آهي ته گهربل مواد مناسب انداز ۾ پڙهندڙن جي مطالعي ۾ اچي، ان خيالن سان نصاب جي مواد ۾ ڪجهه واڌارو ڪيو ويو آهي، ڪتاب جي سموري مواد ۽ موضوعن کي ڏهن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، ابتدا ۾ ترقي يافتا ملڪن جي مڃيل تعليمي ماهرن جي حوالن سان تعليم جي نون نظرين ۽ مقصدن کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ اسلامي نقطئه نظر سان انهيءَ باب ۾ جيڪي انقلابي صورتون پيدا ٿين ٿيون، انهن کي به اجاگر ڪيو ويو آهي. پڙهائڻ جو فن ۽ ان جا مستند اصول ڇهين باب ۾ بحث هيٺ آندا ويا آهن، تعليم جي جديد وسيلن ۽ سمعي و بصري مددي مشين ۽ اوزارن لاءِ ٻه باب رکيا ويا آهن، 822 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 15.50 روپيا آهي، هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو مارچ 1986ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو.


لفظ پڙهائڻ جا طريقاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو